ڄيٺي سپاهيملاڻي

ڄيٺي سپاهيملاڻي

جي.ايم سيد ،ڄيٺي سپاهيملاڻي ۽ پير علي محمد راشدي

جي.ايم سيد ،ڄيٺي سپاهيملاڻي ۽ پير علي محمد راشدي

ڄيٺي سپاهيملاڻي

ڄيٺي سپاهيملاڻي: سنڌ جي نامور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڪُماري ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ، 10 فبروري 1906ع تي حيدرآباد (سنڌ) جي سپاهيملاڻي
خاندان ۾، تلسيداس سپاهيملاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو، جيڪو ملٽري سـروس ۾ ليـفٽيننـٽ هو. هن ابتـدائـي تعليم حيدرآباد سنڌ ۾ حاصل ڪئي. 1920ع ۾ جڏهن سندس خاندان ڪراچيءَ لڏي ويو ته انڊين هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪري، ڊي. جي. سائنس ڪاليج مان بي. اي ڪيائين.
ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ اسڪول توڙي ڪاليج جي شاگرد تحريڪ ۾ نمايان حصو ورتو. ابتدا کان وٺي ڪانگريس جي حامي رهي.’کاڌِيءَ جي تحريڪ‘ وقت ولائتي ڪپڙا ساڙي، کاڌِي پائڻ شروع ڪيائين.
جڏهن سائمن ڪميشن هندستان ۾ آئي، ته ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ شاگردن کان ڪارا جھنڊا کڻائي، ’سائمن گو بئڪ‘ جا نعرا هڻايا هئا. هن 1929ع ۾ تعليم ڇڏي ملڪ جي خدمت جي شروعات ڪئي. 1929ع ۾ لاهور انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين. 31-1930ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ جيل به وئي، وري 1932ع ۾ ڇهن مهينن لاءِ سابرمتي جيل ۾ وئي. 1942ع ۾ ’ڪُئٽ انڊيا‘ تحريڪ وقت ٻين ڪانگريسين سان گڏ ٻن سالن لاءِ سيڪيورٽي ائڪٽ هيٺ جيل ۾ وئي. ڏيڍ سال کن جيل ۾ رهڻ کان پوءِ بيمار ٿي پئي. سندس آزاديءَ جو سوال اسيمبليءَ ۾ اُٿاريو ويو. حڪومت مسلم ليگ وزارت جي هٿ ۾ هئي ۽ اُن وقت جي. ايم. سيد مسلم ليگ سنڌ جو صدر هو. جنهن جو خيال هو ته ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ کي آزاد ڪرائجي. اُن لاءِ هو هوم منسٽر کي وٺي ساڻس جيل ۾ ملڻ ويو. هوم منسٽر چاهيو ٿي ته ڄيٺي سپاهيملاڻي کيس جيل مان آزاد ٿيڻ لاءِ درخواست ڪري، پر اها ڳالهه ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ جي خودداريءَ جي خلاف هئي، اُن ڪري هن کيس جواب ڏنو ته: ”جي تون ڀانئين ٿو ته آءٌ پنهنجي آزاديءَ لاءِ تو کي عرض ڪنديس يا ڪو يقين ڏيارينديس ته اهڙي اُميد ڪنهن کي مُنهنجيءَ جُتيءَ مان به نه رکڻ گهرجي.“
ٻيو ڀيرو جڏهن ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ جي ماءُ سخت بيمار ٿي پئي ۽ کيس پئرول تي ماءُ سان ملڻ لاءِ ڇڏيو ويو، تڏهن پئرول تي آزاديءَ دوران سندس ماءُ جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيندي وئي ۽ خود ڄيٺي پڻ بيمار ٿي پئي. اُن تي هڪ ڀيرو ٻيهر سندس پئرول جو مدو وڌايو ويو، پر نه ڄيٺيءَ جي ماءُ جي طبيعت سُڌري ۽ نه خود ڄيٺيءَ جي. اُن حالت ۾ هاڻي کيس بنا شرط جي آزاد ڪرڻ جي ضرورت هئي، پر سنڌ جي وڏي وزير سر غلام حسين خيال ڏيکاريو ته هوءَ آزاد ٿي ڪنهن به حڪومت مخالف هلچل ۾ حصو نه وٺندي، اُن تي ڄيٺيءَ جيل وڃڻ ته قبول ڪيو، پر ڪو به شرط لکي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نتيجي طور هوءَ جيل ۾ هئي ۽ پٺيان سندس ماءُ گذاري وئي.
ڪماري ڄيٺي سپاهيملاڻي، 29-1928ع ڌاري ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي يوٿ لاج جي پريزيڊنٽ رهي. 1930ع کان 1935ع تائين ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جي ميمبر رهي.
ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ ڪراچيءَ جي عورتن جي تعليم لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. هوءَ آل انڊيا وومين ڪانفرنس سنڌ جي پريزيڊنٽ، ’ڪستور ٻاءِ گانڌي ميموريل فنڊ‘ سنڌ جي پريزيڊنٽ ۽ نرسن ۽ مِڊوائفن جي ڪائونسل جي پڻ پريزيڊنٽ رهي. 1934ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي چونڊن ۾ مردن جي مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين.
سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڄيٺي سپاهيملاڻي، سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾، جنرل تڪ مان، عورتن طرفان ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آئي، جتي کيس ڪجهه وقت بعد 1938ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو. اهڙيءَ ريت هوءَ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين عورت ڊپٽي اسپيڪر بڻي ۽ اُن عهدي تي 6 سيپٽمبر 1946ع تائين رهي. جڏهن سنڌ اتحاد پارٽي ۽ ڪانگريس پارٽيءَ وارا گڏجي مخالفت ۾ ويٺا ته محترم جي. ايم. سيد ۽ هن گڏجي ڪم ڪيو. جڏهن الهه بخش سومري جي وزارت ڍلون وڌايون ته اتحاد پارٽي ۽ ڪانگريس پارٽيءَ جا الهه بخش وزارت سان اختلاف ٿي پيا ته ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ الهه بخش سومري جو ساٿ ڏنو.
ڄيٺي سپاهيملاڻي، 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به سنڌ ۾ رهي پئي هئي، پر 6 جنوري 1948ع تي ڪراچيءَ جي وڳوڙن کان پوءِ مجبوراً بمبئيءَ لڏي وئي، جتي 1952ع کان 1962ع تائين پهريائين بمبئي ليجسليٽِو ڪائونسل ۽ پوءِ مهاراشٽرا ڪائونسل جي ڊپٽي چيئرمئن رهي. 1958ع ۾ بمبئي ليجسليٽوِ طرفان انگلنڊ ۾ ڪامن ويلٿ پارليامينٽري ائسوسيئيشن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين. بمبئيءَ جي ’نوجيون ڪوآپريٽِو هائوسنگ سوسائٽي‘ جي چيئرمئن به رهي ۽ سنڌين جون هائوسنگ سوسائٽيون قائم ڪيائين. هند ۾ سنڌين جي وسائڻ لاءِ وڏي خدمت ڪيائين.
هن قومي خدمتگار بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ ڄيٺي سپاهيملاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.02.10  عيسوي

نڌ جي نامور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڪُماري ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ، 10 فبروري 1906ع تي حيدرآباد (سنڌ) جي سپاهيملاڻي خاندان ۾، تلسيداس سپاهيملاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پوپ
حافظ مولوي عبدالحميد ڀٽي
شير محمد ٻرڙو
اشرف علي سمون
حسن بادشاهه قادري
تلوڪ تلسياڻي
پير محمد هاشم جان سرهندي مولانا
درويش سليمان
زوار بسنت
آزاد انور ڪانڌڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون